عمران چنا

عمران چنا

چنا عمران

چنا، عمران: بين الاقوامي شهريت رکندڙ سنڌ ڄائو مصور، عمران چنا، 21 سيپٽمبر 1981ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. 1998ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس جي شعبي مان هن گريجوئيشن ڪئي. نامور مصور فتاح هاليپوٽي کان مصوريءَ ۾ سکيا ورتائين. سندس شاگرديءَ ۾ هن ٽن سالن تائين گهڻو ڪجهه پرايو. ان کانپوءِ هن لاهور جي مصوري جي مشهور ڪاليج نيشنل ڪاليج آف آرٽس مان ويزوئل آرٽس پروگرام ۾ ايم. اي ڪئي. هن وقت لاهور جي ساڳئي ڪاليج ۾ استاد آهي. هي مصوري، مجسمه سازي، ڊجيٽل ۽ انٽر ايڪٽو آرٽس ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي. عمران چنا جو مصوريءَ ۾ ساراهڻ جوڳو ڪم لڪ لڪوٽي آهي، جنهن ۾ 12 تصويرون آهن. بادشاهه نامو، يادگيريون وغيره سندس اهم ڪم آهي. بادشاهه نامي ۾ 50 عڪسي تصويرون آهن، جيڪي گهڻو ڪري مغل بادشاهن جي حياتيءَ سان تعلق رکن ٿيون. هن ۾ مغل بادشاهه جهانگير جي دور جا اهم عڪس چٽيل آهن. هن جي فن جون ملڪ ۾ توڙي ملڪ کان ٻاهر ڪيتريون ئي نمائشون لڳي چڪيون آهن ۽ ڪيترائي اوارڊ مليا آهن. سڀ کان اهم اوارڊ کيس سوويررين ايشين آرٽ پرائيز هانگ ڪانگ مان 2010ع ۾ مليو. سندس فن جي نمائش ڪيترين ڏيهي توڙي پرڏيهي گئلرين ۾ ٿي چڪي آهي. هن فن جي حاصلات لاءِ نه رڳو پاڪستان، پر يورپ جي ملڪن ۾ مصورن سان ملي هتي واپس اچي مصوريءَ ۾ نون لاڙن کي پنهنجي آرٽ ذريعي متعارف ڪرايو آهي. اڄڪلهه هو Museums and Meaning نالي پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ لاهور ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.09.21  عيسوي

بين الاقوامي شهريت رکندڙ سنڌ ڄائو مصور، عمران چنا، 21 سيپٽمبر 1981ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صادقين احمد نقوي سيد
زبيده آغا
دارا عالم ابڙو
چغتائي عبدالرحمان
سليمه هاشمي
پير بخش لاڙڪ
حفيظ الله کوهارو
شفقت حسين وڌو
قاضي خضرحيات
سيد محبوب علي شاهه 2
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون